نوازشريف منور ٽالپر خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي سال 2016 جو پهريون تحفو ڏنو آهي:زرداري

asif-zardari

 پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ميان نواز شريف مير منور ٽالپر خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري نئين سال جو تحفو ڏنو آهي، اهڙي طرح ڊاڪٽر عاصم تي ڪيس داخل ڪري سال 2015 جو اڳ ئي تحفو ڏنو ويو هو پر ميان صاحب ٻڌي وڃي ته سندس ظلمن جو ماضي جيان هاڻي به مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

 جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته کيس افسوس ٿي رهيو آهي ته ميان نواز شريف ماضي جي غلطين مان اڃا تائين سبق ناهي سکيو.

هن چيو ته نواز شريف، مير منور ٽالپر تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سال 2016 جو تحفو ڏنو آهي، جنهن تي سندس ٿورائتو آهيان.

آصف علي زرداري چيو ته ان کان اڳ ڊاڪٽر عاصم تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي 2015 جو تحفو ڏنو ويو پر اڃا تائين ان ۾ ڪجهه ثابت نه ڪري سگهيا آهن.

اڳوڻي صدر چيو ته وزيراعظم نوازشريف ٻڌي وٺي ته پيپلزپارٽي ماضي ۾ به ان جي ظلم جو مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به ڪندي رهندي پر افسوس ٿي رهيو آهي ته نواز شريف ماضي جي غلطين مان اڃا تائين سبق ناهي سکيو.

آصف علي زرداري چيو ته پ پ مخالف ماضي ۾ به پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا ۽ هاڻي به کين ناڪامي ئي نصيب ٿيندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*