پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نواب خان وساڻ سول اسپتال خيرپور جي ٻارڙن واري وارڊ جو دورو

khirpur-map-anti19-8

پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نواب خان وساڻ سول اسپتال خيرپور جي ٻارڙن واري وارڊ ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب 140 ٻارڙن جي مرڻ ۽ ڊاڪٽرن پاران درست ڊيوٽيون نه ڪرڻ ۽ ماڻهن کي سرڪاري دوائون نه ملڻ واري شڪايتن تي سول اسپتال خيرپور جو دورو ڪيو سول اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي نواب خان وساڻ چيو ته ٻارن جون فوتگيون ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ دوائن جي کوٽ سبب ٿيون آھن. ڊيوٽي ۾ غفلت ۽ لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي هن چيو ته افسوس آھي ته سرڪاري دوائون مسڪين مريضن بدران بااثر ماڻهن کي ملڪن ٿيون هن چيو ته ڊاڪٽرن ۾ ڪميون ڪوتاهيون آھن جن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آھي سول اسپتال خيرپور ۾ استاد مختيار منگي جي تڙپي تڙپي مرڻ افسوس جوڳو عمل آھي جنهن جي اعليٰ سطحي تحقيقات ڪرائي ويندي هن ميڊيا وارن جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته ميان نواز شريف ۽ چودهري نثار جو سنڌ سان رويو نامناسب آھي جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو سنڌ آهي ته پاڪستان آھي ميان نواز شريف ۽ چودهري نثار ننڍي ذهن جا ماڻهو آھن پيپلز پارٽي هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران اختلافات تي پاڪستان کي سوچي سمجهي قدم کڻڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ اسلامي ملڪ آھن پاڪستان به اسلامي ملڪ آھي جنهن ڪري اسان جو ڪردار ٻنهي اسلامي ملڪن لاءِ برابري وارو هجڻ گهرجي اسان شيعا سني فساد کان پري رهڻ چاهيون ٿا. نواب وساڻ جي دوري دوران سول سرجن خيرپور ڊاڪٽر رضيه سلطانه پنهور ۽ اسسٽنٽ سول سرجن ڊاڪٽر عزيز الرحمن سومرو نواب خان وساڻ کي بريفنگ ڏيڻ کان اڳ هليا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*