ٿر ۾ وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد 9 ڏينهن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 33 ٿي ويو

new thar

ٿرپارڪر ضلعي ۾ سهولتن جي اڻهوند ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي ڌڙا ڌڙ فوت ٿيڻ واري سلسلي کي بريڪ نه لڳي سگهي آهي،  اڄ وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد 9 ڏينهن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 33 ٿي ويو.

ڏيپلَي جي ڳوٺ ڍابڙي ۾ وينجهو ميگهواڙ جي ٻن ڏينهن جي نياڻي ۽ سول اسپتال مٺي ۾ راڻو نهڙي جي ٽن ڏينهن جي نياڻي فوت ٿي ويون، ڳوٺ موٽاڪيو ۾ ٻن مهينن جي مينا ڪماري ۽ ڳوٺ ڪتاني ۾ 4 مهينن جي پونم نمونيا سبب فوت ٿي ويون.

ڏيپلَي جي ڳوٺ ڏيواڙو واسي ممتاز بجير جي چئن ڏينهن جي نياڻي فوت ٿي وئي، جنهن بعد اڄوڪي ڏينهن حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ 6 ٿي ويو آهي ۽ 9 ڏينهن دوران 33 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن.

ٿر پارڪر ضلعي ۾ نمونيا ۽ ٻين بيمارين سبب ٻارڙن جو فوت ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي پر انتظاميه معاملي کي معمولي ڳالهه ڪن لاٽار ڪري رهي آهي ۽ ٿر پار ڪر کي ڏڪار سٽيل علائقو به قرار نٿو ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*