نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 4 وڪيٽن تي شڪست ڏئي ڇڏي

نيوزيلينڊ ٽيم ٻي ون ڊي ميچ پاڪستان کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 5 پنجن ميچن جي سيريز 1_1 تان برابر ڪري ڇڏي.

شارجه ۾ کيڏي ويل 5 پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪئي.

پاڪستاني ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ فيصلو ڪيو ۽ نيوزيلينڊ کي253 رنس جو هدف ڏنو، قومي ٽيم جي شروعات خاص نه رهي ۽ 20 رنز تي 3 رانديگر آئوٽ ٿي ويا، جنهن بعد محمد حفيظ ۽ ڪپتان مصباح الحق ٽيم کي سهارو ڏنو.

قومي ٽيم پاران محمد حفيظ 76 رنز ۽ ڪپتان مصباح الحق 47 رنز جي اننگ کيڏي، جڏهن ته حارث سهيل 33 رنز تي آئوٽ ٿيو ۽ 3 وڪيٽون وٺي سڀ کان نمايان رهيو.

پاڪستان پاران مليل 253 زنز جو ٽارگيٽ نيوزيلينڊ جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو ۽ سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.

نيوزيلينڊ جي رانديگر وليمسن 70 رنز ۽ ڊيوسچ 58 رنز جي اننگز کيڏي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي بالر ميٽ هينري 4 وڪيٽون ماڻيون.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 پنجن ميچن واري سيريز جي ٽئين ميچ سومر ڏينهن ابوظهي ۾ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*