ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي تي پوليس جي 50 هزار اهلڪارن کي مقرر ڪيو آهي آءِ جي سنڌ جون ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهيون

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو آهي ته  ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي تي فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪندي  جلوسن جي نگراني لاءِ پوليس جي 50هزار اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي غلام حيدر جمالي چيو ته ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس کي  پوليس ۽ رينجرز جي 3 حسارز ۾ منزل تائين پهچايو ويندو.

هن چيو ته مرڪزي جلوس جي رستي ۾ ايندڙ بلند عمارتن تي شارپ شوٽر ۽ ڪمانڊوز کي مقرر ڪيو ويو آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ جلوس جي ڳجهين ڪئميرائن ذريعي به نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*