چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا پراڊو گاڏي جي فرمائش ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن، چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ  پراڊو گاڏي خريد ڪرڻ لاءِ سمري وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جسٽس ريٽائرڊ سردار رضا خان پهريون چيف اليڪشن ڪمشنر هوندو جيڪو 3هزار سي سي گاڏي استعمال ڪندو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان پاران فيلڊ ورڪ لاءِ 3 هزار سي سي گاڏي رکڻ جي خواهش بعد اليڪشن ڪميشن پاران سمري وزيراعظم ڏانهن اماڻي وئي.

وزيراعظم کي ماڻيل سمري ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي فيلڊ ورڪ لاءِ 3 هزار سي سي پراڊو گاڏي جي منظوري ڏني وڃي.

3هزار سي سي گاڏي ملڻ کانپوءِ سردار رضا خان پهرين چيف اليڪشن ڪمشنر هوندي جيڪو 3هزار سي سي گاڏي استعمال ڪندو.

قائدن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سرڪاري ڪمن لاءِ  18 سئو سي سي کان وڌيڪ گاڏي نٿو رکي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*