ڌانڌلين جي جاچ نه ٿيڻ خلاف تحريڪ انصاف سومر ڏينهن لاهور جي 17 کان وڌيڪ هنڌن تي ڌرڻن جو سڏ ڏئي ڇڏيو

ڌانڌلين جي جاچ  نه ٿيڻ خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف پاران سومر ڏينهن لاهور جي  17 کان وڌيڪ مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويندا، جڏهن ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان 6 هنڌن تي پهچي ڪارڪنن کي خطاب ڪندو.

پي ٽي آءِ پاران پلان سي تحت فيصل آباد ۽ ڪراچي کانپوءِ لاهور ۾ 15 ڊسمبر تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، سومر ڏينهن تي لاهور جي 17 کان وڌيڪ هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويندا.

پي ٽي آءِ پاران شاهدره، بابو صابو، ٺوڪر نياز بيگ ۽ گجو متا انٽري پوائنٽ تي ڌرڻا هنيا ويندا، جڏهن ته شاهه عالم مارڪيٽ، سرڪلر روڊ، مال روڊ ، ڀاٽي چوڪ سميت شهر جي 17 کان وڌيڪ هنڌن تي ڌرڻن جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي پنجاب سرڪار پي ٽي آءِ کي خاطري ڪرائي آهي ته فيصل آباد جيان نوزا ليگ ڪارڪنن کي ڪنهن ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني ويندي.

پوليس موجب شهر ۾ ڪنهن کي به ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*