لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن دوران تازا ڄاول 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا

لاڙڪاڻي جي چلڊرين اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن دوران تازا ڄاول 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، اسپتال انتظاميه موجب ٻارڙا ڪاري ڪامڻ ۽ ساهه جي تڪليف سبب فوت ٿيا آهن.

چلڊرين اسپتال ۾ شهداد ڪوٽ واسي نويد جو 3 ڏينهن جو پٽ، لاڙڪاڻي واسي انور جي 2 ڏينهن جي ڌيءِ، ميرپرو ڀٽو واسي امان الله جو به  تازو ڄاول پٽ ۽ لاڙڪاڻي واسي ضمير جو معصوم پٽ فوت ٿي ويو.

اسپتال انتظاميه موجب اسپتال ۾ داخل ٻارڙا آڪسيجن جي کوٽ سبب نه پر ڪاري ڪامڻ ۽ ساهه جي تڪيلف سبب فوت ٿيا آهن.

ٻئي پاسي ڪيترين ئي ٻارڙن کي تڪيلف سبب آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب اسپتال ۾ آڪسيجن سئلينڊرس جي فراهمي بابت اسپتال انتظاميه ۽ گئس سپلائي ڪندڙ ڪمپني وچ ۾ بلن جي معاملي تان مسئلو هلندڙ آهي، جنهن تان ڪمپني پاران سپلائي بن ڪرڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*