خيبرپختونخواهه جي شهر نوشهره مان 6 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا واقعي جي جاچ شروع

خيبر پختونخواهه جي شهر نوشهره جي نظام پـُور واري علائقي مان 6 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته  6 ئي ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

نظام پور واري علائقي ۾ سنڌو درياءَ جي ڪپ تان 6 ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جنهن بعد علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.

پوليس پهچي لاشن کي نوشهره جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو، مارجي ويلن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته 6 ئي ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاشن کي سنڌو درياءَ جي ڪپ تي اڇلايو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*