گذريل ڏينهن ڪراچي شهر بنا ڪنهن تشدد جي بند رهيو شاهه محمود قريشي

پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمدو قريشي چيو آهي ته ، گذيل ڏينهن ڪراچي شهر بنا ڪنهن تشدد جي بند رهيو، 16 ڊسمبر تي باضابطه طور تي ڳالهين جي شروعات ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته  ن ليگ طرفان پيغام آيو آهي ته اڄ ڳالهيون نه ٿي سگهنديون

ملتان ۾ ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمدود قريشي چيو ته  ڪالهه سموري ڪراچي بند هئي، ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري نئين پاڪستان جي قيام لاءِ احتجاج ڪيو.

هن چيو ته فيصل آباد ۾ منصوبي تحت ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو، لاهو ۾ ڪنهن کي به دڪانون بند ڪرڻ جو نه چيون ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته فيصلو ٿي ويو آهي ته عدالتي ڪميشن صدارتي آرڊيننس تحت ٺاهيو ويندو، جنهن لاءِ پارليامينٽ ۾ وڃڻ جي ضروري ناهي.

هن چيو ته ن ليگ طرفان پيغام آيو آهي ته اڄ ملاقات نه ٿي سگهندي، جڏهن ته  ليگ سان چئن نقطن تي پهريائين ئي اتفاق ڪيو آهي، پنجين تي به جلد اتفاق ٿي ويندو.

 جهانگير ترين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ته عدالتي ڪميشن بابت ڪوبه آئيني يا قانوني مسئلو ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*