وڏن ڪمن لاءِ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو عمران خان

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته  وڏين ڪمن لاءِ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جنهن لاءِ ڪيتريون ئي ٻيڙيون ساڙيون پونديون آهن، وزيراعظم ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، ڪيترائي آيا ۽ هليا ويا.

  لاهور جي مقامي هوٽل ۾ نمل يونيورسٽي جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڏکئي منزل لاءِ مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جنهن لاءِ پنهنجيون ٻيڙيون ساڙيون پونديون آهن.

    هن  چيو ته ملڪي ادارا سياسي مداخلت سبب ترقي نه پيا ڪن، جيستائين ادارن ۾ سياسي مداخلت رهندي تيستائين ترقي ممڪن نه آهي.

     پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته معاشري ۾ ناانصافي جو نظام قائم ڪيو ويو آهي، سندن ڪوشش آهي ته ملڪ مان ناانصافين جو خاتمو اچي.

     هن چيو ته سڀ  کان پهرين ملڪ ۾ تعليم جو نظام بهتر ڪرڻو پوندو، بهترين ٽيلينٽ سامهون نه اچڻ تائين ترقي نه ڪندو.

    عمران خان چيو ته انسان کي  هر مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ ذهني طور تيار رهڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*