فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج خلاف ن ليگ جي مقامي اڳواڻن جو سرڪٽ هائوس ۾ اجلاس ٿيو شيرين مزاري

پـِي ٽـِي آءِ فيصل آباد واقعا جا مبينا ثبوت ميڊيا آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن، شيرين مزاري الزام هنيو آهي ته فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج کان اڳ ن ليگي اڳواڻن جو سرڪٽ هائوس ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪلنگ آپريشن  جو منصوبو جوڙيو ويو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجما شيرين مزاري فيصل آباد واقعي جا ثبوت   ملٽي ميڊيا تي پڌرا ڪيا.

شيرين مزاري چيو ته فوٽيجز ۾ نظر ايندڙ جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، راڻا ثنا الله احتجاج کان اڳ موتمار ڌمڪيون ڏنيون هيون.

هن چيو ته فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ احتجاج خلاف ن ليگ جي مقامي اڳواڻن جو سرڪٽ هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فائرنگ جو منصوبو جوڙيو ويو.

شيرين مزاري ملٽي ميڊيا تي نظر ايندڙ فوٽيجز جي نشاندهي ڪندي چيو ته جوابدر سرعام گهمي رهيا آهن، جن کي گرفتار نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته  ن ليگ هٿ وٺي فيصل آباد ۾ منصوبي تحت حالتون خراب ڪيون، جنهن لاءِ سرعام ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون.

هڪ سوال جي جواب ۾ شيرين مزاري چيو ته  ڌانڌلين جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ٿيڻ تائين پي ٽي آءِ جو ڌرڻو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*