ڄام مهتاب ڏهر لاڙڪاڻي جي چلڊرين اسپتال ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي

لاڙڪاڻي جي چلڊرين اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن دوران تازا ڄاول 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر معاملي جو نوٽيس وٺندي اسپتال انتظاميه کان 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

لاڙڪاڻي جي چلڊرين اسپتال ۾ شهداد ڪوٽ واسي نويد جو 3 ڏينهن جو پٽ، لاڙڪاڻي واسي انور جي 2 ڏينهن جي ڌيءِ، ميرپرو ڀٽو واسي امان الله جو به  تازو ڄاول پٽ ۽ لاڙڪاڻي واسي ضمير جو معصوم پٽ فوت ٿي ويو.

چانڊيا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر صفي الله عباسي موجب اسپتال ۾ داخل ٻارڙا آڪسيجن جي کوٽ سبب نه پر ڪاري ڪامڻ ۽ ساهه جي تڪيلف سبب فوت ٿيا آهن.

صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر معاملي جو نوٽيس وٺندي اسپتال انتظاميه کان 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

صحت واري وزير جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري ڪوتاهي ڪندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ٻئي پاسي ڪيترين ئي ٻارڙن کي تڪيلف سبب آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب اسپتال ۾ آڪسيجن سئلينڊرس جي فراهمي بابت اسپتال انتظاميه ۽ گئس سپلائي ڪندڙ ڪمپني وچ ۾ بلن جي معاملي تان مسئلو هلندڙ آهي، جنهن تان ڪمپني پاران سپلائي بن ڪرڻ جون پڻ ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*