دهشتگرد تنظيم داعش جو ٽوئٽر اڪائونٽ هلائڻ جي شڪ ۾ ڀارت ۾ هڪ شخص گرفتار

عراق ۽ شام ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيم داعش جو ٽوئٽر اڪائونٽ هلائڻ جي شڪ ۾ ڀارت ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي پوليس گادي واري شهر بنگلور ۾ مهدي نالي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ ڪرناٽڪ جي ڊائريڪٽر جنرل پوليس جوابدار جي  گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي.

برطانوي چينل فور خميس تي خبر نشر ڪئي هئي ته داعش جو @ShamiWitness  نالي ٽوئٽر اڪائونٽ بنگلور جي هڪ وڏي ڪمپني ۾ اعليٰ عهدي تي ڪم ڪندڙ شخص هلائي رهيو آهي.

ٽي وي چئنل فور پنهنجي رپورٽ ۾ ان شخص جو نالو رڳو مهدي ٻڌايو هو ۽ موقف اختيار ڪيو هو ته جيڪڏهن ان شخص جي پوري سڃاڻپ ظاهر ڪئي وئي ته ان جي زندگي کي خطرو ٿي سگهي ٿو.

ڄاڻايل ٽوئٽر اڪائونٽ ذريعي داعش جون خبرون ۽ ان جي شام ۽ عراق م عروج بابت ٽوئيٽ ڪيا ويندا هئا، ان اڪائونٽ جا 18 هزار فالوورز هئا ۽ هي انگريزي ۾ داعش بابت خبرن جو اڪيلو ذريعو هو.

رپورٽ منظر عام تي اچڻ بعد صحافين ان شخص سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد اهو اڪائونٽ بند ڪيو ويو هو.

بئنگلور پوليس جي سربراهه ايم اين ريڊي جمعي تي اعتراف ڪيو هو ته پوليس سماجي رابطن واري ويب سائيٽس جي نگراني نه ڪندي آهي پر ان واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

داعش تنظيم ۾ ماڻهن جي ڀرتي ۽ پنهنجا پيغام پکيڙڻ لاءِ سوشل ميڊيا  کي استعمال ڪندي آهي، بنگلور مان هلندڙ ٽوئٽر اڪائونٽ داعش جي ويڙهاڪن جي اڪائونٽس جي مشهوري ۽ مارجي ويل ويڙهاڪن جي تعريف ڪندو هو.

برطانوي چينل جي رپورٽ موجب جيڪي ماڻهو ان اڪائونٽ کي فالو ڪندا هئا، انهن کي اهو ڀارتي شخص چوندو هو ته جيڪڏهن مٿس خاندان جي ذميواري نه هجي ها ته هو داعش ۾ شموليت اختيار ڪري ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*