نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فنڪشنل ليگ اڳواڻ ڪاشف نظاماڻي سميت 4 ڄڻن کي 18 جنوري تائين جيل حوالي ڪري ڇڏيو

Kashif-Nawabshah-ATC-14-1

نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت فنڪشنل ليگ اڳواڻ ڪاشف نظاماڻي سميت 4 ڄڻن کي 18 جنوري تائين جيل حوالي ڪري ڇڏيو، ڪاشف نظاماڻي جو چوڻ آهي ته کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آهي.

سانگهڙ پوليس فنڪشنل ليگ اڳواڻ ڪاشف نظاماڻي، ۽ سندس ٽن ساٿين دادن نظاماڻي، امين نظاماڻي ۽ عرفان يوسفزئي کي نوابشاهه جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.

پوليس پاران چالان پيش ڪرڻ کانپوءِ عدالت فنڪشنل ليگ اڳواڻ ڪاشف نظاماڻي سميت چئن ئي ڄڻن کي جيل حوالي ڪندي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪاشف نظاماڻي جو چوڻ هو ته کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آهي، جن کي هو ڀرپور نموني منهن ڏيندو ۽ عدالت مان کيس انصاف جي اميد آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*