لاهور جَي لوهاري گيٽ واري علائقي ۾ 3 ماڙ عمارت کي باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيل ٻارڙي سميت 6 ئي ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا

Lahore-Fire-14-1

لاهور جَي لوهاري گيٽ واري علائقي ۾ 3 ماڙ عمارت کي باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيل ٻارڙي سميت 6 ئي ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.

لاهور جي علائقي لوهاري گيٽ جي ٽي ماڙ عمارت کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن بعد فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو ويو، عملي اڍائي ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو.

ريسڪيو ذريعن موجب، باهه لڳڻ سبب گهر سربراهه شاهد ۽ معصوم ٻارڙي سميت سميت 6 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.

انتظاميا موجب، رات دير سان عمارت کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن دوران گهر جو سربراهه شاهد زال،ٽن ٻارڙن ۽ڀيڻ سميت موجود هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪئي پئي وڃي ته ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي يا لڳائي وئي هئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*