امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي معاشي ترقي جي رفتار تيز ٿي وئي, وزيراعظم نواز شريف

Pm-Nawaz-Sharif-14-1

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جي معاشي ترقي جي رفتار تيز ٿي وئي آهي، پاڪستان جي داخلي صورتحال به بهتر ٿي آهي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان پاڪ-آمريڪا بزنس ڪائونسل جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران وزير اعظم نواز شريف چيو ته امريڪي ايـــوان صنعت جا پاڪستان سان ويجها لاڳاپا آهن ۽ وفد جي دوري سان پاڪستان ۾سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.

دهشتگردي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آپريشن ضرب عضب جا بهتر نتيجا نڪري رهيا آهن،  دهشتگردي خلاف جنگ کي انجام تائين پهچايو ويندو.

هن چيو ته دهشتگردي خطي جو گڏيل مسئلو آهي، پاڪستان انتهاپسندي جي پاڙ پٽڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪــــتب آڻي رهيو آهي، جڏهن ته امن جي بحالي تائين هو سک سان نه ويهندا.

توانائي بحران تي ڳالهائيندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ حالتون بهتر ٿي رهيو آهن، جڏهن ته توانائي بحران تي جلد ضابطو آڻي وٺبو.

هن چيو ته حڪومت بجلي بحران تي ضابطي لاءِ سنجيدگي سان ڪوششون وٺي رهي آهي، جڏهن ته 2017ع تائين 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندو.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته ملڪي خسارو 8 ڏهائي 2 مان گهٽجي 5 ڏهائي 2 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي معاشي ترقي سبب عالمي ادارا  پاڪستان جي ريٽنگ کي مثبت قرار ڏئي رهيا آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*