مٺي سول اسپتال ننگر پارڪر جي هڪ ڳوٺ ۾ وڌيڪ 2ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد ضلعي اندر فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 61 ٿي ويو

Children-Death-14-1

ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي سول اسپتال  ننگر پارڪر جي هڪ ڳوٺ ۾ وڌيڪ 2ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد ضلعي اندر فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 61 ٿي ويو آهي.

سول اسپتال ۾ ڳوٺ ماڃٺي جو رهواسي هڪ سال جو ٻارڙو اعظم فوت ٿي ويو ۽ ننگر پارڪر جي ڳوٺ مٺڙي ۾ پورهيت منجي ڪولهي جي 5 مهينن جي ٻارڙي سجني به فوت ٿي وئي.

ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف علائقن ۾ 24 ڪلاڪن دوران 10 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ 14 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 61 ٿي ويو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*