گوجرانوالا جَي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڊسڪه واري علائقي ۾ ٻن وڪيلن جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار ايس ايڇ او شهزاد وڙائچ کي چار ڀيرا موت ۽ 40 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

Daska-SHo-Shahzad-14-1

گوجرانوالا جَي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڊسڪه واري علائقي ۾ ٻن وڪيلن جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار ايس ايڇ او شهزاد وڙائچ کي چار ڀيرا موت ۽ 40 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، 25مئي 2015ع تي پيش آيل ڊسڪا سانحي ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالت، ڊسڪه بار جي صدر راڻا خالد عباس ۽ وڪيل عرفان چوهاڻ جو قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي ايس ايڇ او شهزاد وڙائچ کي چار ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي.

عدالت، جوابدار کي 40سال قيد جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ حڪم جاري ڪيو ته جوابدار مقتولن جي وارثن کي چار لک رپيا ادا ڪري.

واضح رهي ته 25مئي 2015ع ۾ عدالت ۾ پيشي دوران وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾جهيڙي دوران ايس ايڇ او شهزاد وڙائچ فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊسڪا بار جو صدر راڻا خالد عباس ۽ وڪيل عرفان چوهاڻ مارجي ويا هئا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*