وزير اعظم نواز شريف، پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي تي سياسي پارٽين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سڀاڻي اهم اجلاس سڏائي ورتو

Nawaz-Sharif-13-1-16

وزير اعظم نواز شريف، پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي تي سياسي پارٽين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سڀاڻي اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي.

وزير اعظم هائوس ۾ سڀاڻي يارهين وڳي ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر خورشِيد شاهه، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جو سربراهه محمود خان اچڪزئي، ڪي  پي ڪي جو وڏو وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

اجلاس ۾ ترقي ۽ رٿابندي وارو وزير احسن اقبال راهداري منصوبي جي اولهه روٽ تي تعمير ٿيندڙ صنعتي زورن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندو.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ راهدراي منصوبي بابت آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف راهداري منصوبي تي سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا خدشا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ٿيل اي پي سي ۾ ٽن صوبن راهداري منصوبي جي اولهه روٽ تي خدشا ظاهر ڪيا هئا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*