بلوچستان جي علائقي تربت ۾ سڪيورٽي فورسز جي سرچ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا

FC SIBI

بلوچستان جي علائقي تربت ۾ سڪيورٽي فورسز جي سرچ آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا،  ايف سي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ ملوث هئا.

ايف سي ۽ ڳجهن ادارن بلوچستان جي علائقي تربت ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني.

دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو پر  سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان هو.

ايف سي ترجمان موجب، مارجي ويل دهشتگردن سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا، جن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*