ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ انتهاپسندن پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي آفيس تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي

PIA-India-14-1

ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ انتهاپسندن پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي آفيس تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي.

اطلاعن موجب حملي ۾ بجرنگي دل جا انتهاپسند ملوث هئا، جن عملي کي مارڪٽ کانسواءِ فرنيچر به ٽوڙي ڇڏيو، جڏهن ته جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط جو چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت کي پي آءِ اي جي آفيس جي سڪيورٽي وڌائڻ لاءِ اڳ ئي چيو ويو هو پر ان حوالي سان ڪي به قدم نه کنيا ويا هئا، جنهن دوران هي واقعو پيش آيو آهي.

ڀارت ۾ بي جي پي حڪومت اچڻ بعد مسلمانن خاص طور تي پاڪستان خلاف نفرت انگيز ڪارروايون تيز ڪيون ويو آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني شين جي نمائش واري هنڌ تي به حملو ڪيو ويو هو، جڏهن ته استاد غلام علي ۽ ٻين فنڪارن کي ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ سندن ڪنسرٽ به ملتوي ڪيا ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*