ڪراچي لاءِ ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي سميت سمورين پارٽين کي گڏ هلڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي

Waseem-Akhter-Mqm-14-1

ڪراچي لاءِ ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر وسيم اختر پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي  سميت سمورين پارٽين کي گڏ هلڻ جي دعوت ڏيندي چيو  آهي ته عوام کين مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ هو  واعدو ڪري ٿو ته ڪراچي جي شهرين جا مسئلا حل ڪيا ويندا.

ڪراچي ۾ ڊي ايم سي ميمبرز طور حلف کڻڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو هو سڀئي گڏجي اختيار وٺڻ سان گڏ ڪراچي جا مسئلا حل ڪندا.

وسيم اختر چيو ته  8 سالن کان ڪراچي جي حالت خراب ۽ هو پارٽي وابستگي کان مٿانهون ٿي شهرين جي خدمت ڪندا.

ڪراچي لاءِ نامزد ميئر چيو ته ڪراچي گند ڪچري جو ڍير بڻجي ويو آهي ۽ سڀني کي گڏجي شهر جا مسئلا حل ڪرڻا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*