سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آفتاب ڳورڙ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي حفاظتي ضمانت ۽ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ واري درخواست جي ٻڌڻي هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Sindh-high-sharjeel-14-1

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آفتاب ڳورڙ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي حفاظتي ضمانت ۽ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ واري درخواست جي ٻڌڻي هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ مختلف ڪيسز ۾ حفاظتي ضمانت ۽ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جيڪي ٻڌڻي لاءِ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ جڙيل 2 رڪني بئنچ حوالي ڪيون ويون.

بئنچ جي ميمبر جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ڄاڻايل درخواستن تي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد بئنچ جي سربراهه جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو نئين بئنچ جوڙڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اماڻي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*