لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل شهر مڪمل طور بند

لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي 18 هنڌن تي ڌرڻن سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ ڪاروبار کُلي نه سگهيو آهي، اهم روڊ رستا  ٽائر ساڙي ۽  روڪاٽون بيهاري بند ڪيا ويا آهن، ميٽرو بس سروس به معطل آهي، جڏهن ته 4 انٽري پوائنٽس بند هئڻ سبب لاهور جو اسلام آباد، فيصل آباد، سرگوڌا، اوڪاڙه ۽ ملتان سميت ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪاٽا آهي.

لاهور کي ٻين شهرن سان ملائيندڙ چئن انٽري پوائنٽس سميت 18 هنڌن تي پي ٽي آءِ جي ڌرڻن ۽ احتجاج سبب شهر ۾ زندگي جي معمول وارين سرگرمين کي ٻنجو اچي ويو آهي.

پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن اعلانيل احتجاج جي ڪري اڄ صبح جو ساجهر ئي مختلف هنڌن خاص ڪري شهر جي چئن انٽري پوائنٽس تي ٽائر ساڙي ۽ رڪاوٽون بيهاري ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ڪرائي ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ جي احتجاج جي موقعي تي شهر جي مختلف هنڌن تي پوليس جي ڳري نفري تعينات آهي پر هن مهل تائين پوليس ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وچ ۾ سڌو ٽڪراءُ نه ٿيو آهي ۽ نه وري نواز ليگ جا ڪارڪن ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي سامهون آيا آهن.

پي ٽي آءِ جي چار انٽري پوائنٽس شادره، بابو صابو انٽر چينج، ٺوڪر نياز بيگ انٽري پوائنٽ ۽ گُجو مساڻ تي پي ٽي آءِ جي ڌرڻن ۽ احتجاج سبب لاهور جو اسلام آباد، فيصل آباد، سرگوڌا، اوڪاڙه ۽ ملتان سميت ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي.

پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جو لاهور جي انٽري پوائنٽس کان علاوه شهر جي اهم هنڌن شاهه عالم مارڪيٽ، ڀٽي چوڪ، مال روڊ، جي ٽي روڊ، شالامار، ڀَٽا چوڪ، جوڙي پُل، مغل پوره چوڪ، لبرٽي چوڪ، پي ايم ٽي چوڪ، ديکي والا موڙ، مزنگ چُنگي ۽ چيري ڪراس وٽ احتجاج جاري آهي.

پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ميٽرو بس تي پٿراءُ به ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ ميٽرو بس سروس معطل ڪئي وئي آهي.

سي سي پي او امين جو چوڻ آهي ته پر امن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

چيف سيڪريٽري پنجاب نويد اڪرم چيمه اڄ صبح جو ستين وڳين پنهنجي آفيس پهتو ۽ هن شهر جي مختلف هنڌن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

ڊي سي او لاهور عثمان انور چيو آهي ته ستر سيڪڙو شهر کُليل آهي ۽ ميٽرو بس جي معطل سروس به بحال ڪرائي وئي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن انتظاميه سان واعدو ڪيو هو ته شهر جي 18 هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويندا، پر ڌرڻا وڌيڪ هنڌن تي هنيا ويا آهن، ان کانسواءِ پي ٽي آءِ اهو به واعدو ڪيو هو ته عورتن، ٻارن ۽ ايمرجنسي وارن کي گذرڻ لاءِ گس ڏنو ويندو ۽ هو پر اميد آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي واعدن جو ڀرم رکندي.

پهريون ڀيرو پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي سامهون نواز ليگ جا ڪارڪن ٽڪراءُ واري خيال کان سامهون نه آيا آهن ۽ حڪمت عملي مان ايئن ٿو لڳي ته پي ٽي آءِ روڊ بلاڪ ڪري شهر کي مفلوج ڪرڻ گهري ٿي، جڏهن ته انتظاميه جو ڌيان وري مارڪيٽس جي کُليل رکڻ تي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*