پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم نيوزيلينڊ خلاف رٿيل ٽي-ٽوئنٽِي ۽ ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي

Waqar-15-1

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم نيوزيلينڊ خلاف رٿيل ٽي-ٽوئنٽِي ۽ ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته دوري ۾ ٽيم کي فتح نصيب ٿيندي.

نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ قومي ٽيم جو رڪارڊ ڪيوي ٽيم خلاف شاندار رهيو آهي.

هن چيو ته مجموعي طور تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 11ميچز ٿي چڪيون آهن، جن مان ست ميچز ۾ ٽيم کي فتح حاصل ٿي آهي، جڏهن ته چار ميچز ۾ شڪست ملي.

هن وڌيڪ چيو ته دوري ۾ محمد عامر جو ڪردار اهم هوندو، جيڪو اسپاٽ فڪسنگ ڪيس بعد ٽيم ۾ واپس آيو آهي.

وقاريونس وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم جي سمورن رانديگرن کي دوري ۾ ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ جو ڪيوي ٽيم پنهنجي هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ آڏو وڌيڪ مضبوط رهي آهي.

وقاريونس جو چوڻ هوته ٻنهي ٽيمن ۾ سٺا رانديگر شامل آهن،جيڪي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*