دولتپور ڀرسان اسڪول وين سان حادثي ۾ فوت ٿيل 19 ٻارڙن سميت 22 ڄڻن جي ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي

Daulat-Pur-van-15-1

دولتپور ڀرسان اسڪول وين سان حادثي ۾ فوت ٿيل  19 ٻارڙن سميت 22 ڄڻن جي ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي، سنڌ سرڪار وارثن کي هڪ هڪ نوڪري ڏيڻ، فوتين جو يادگار جوڙڻ ۽ فوتين جي نالي سان پبلڪ اسڪول ٺهرائڻ واري اعلان تي اڃان تائين عمل نه ڪيو آهي.

قاضي احمد روڊ تي 2 سال اسڪول وين کي ڊمپر جو ٽڪر لڳڻ سبب حياتيون وڃائيندڙ 19 اسڪولي ٻارڙن ۽ ٻن استادن سميت 22 ڄڻن جي ٻي ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي.

سول سوسائيٽي پاران اڄ مک چوڪ تي فوت ٿيل ٻارڙن جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي ويندي ۽ اسڪائوٽ پاران سلامي ڏني ويندي.

سنڌ حڪومت فوتي ٻارڙن جي وارثن کي هڪ هڪ نوڪري ڏيڻ ۽ فوتين جي نالي يادگار جوڙن ۽ پبلڪ اسڪول ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر 2 سال گذري وڃڻ باوجود ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*