پاڪ-چين راهداري منصوبي بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ۾ شرڪت لاءِ وڃڻ لاءِ تڪڙا سوال پڇڻ جي درخواست تي سينيٽ چيئرمين رضا رباني وفاقي وزير پرويز رشيد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

Senate commitee

پاڪ-چين راهداري منصوبي بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ۾ شرڪت لاءِ وڃڻ لاءِ تڪڙا سوال پڇڻ جي درخواست تي سينيٽ چيئرمين رضا رباني وفاقي وزير پرويز رشيد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، رضا رباني چيو آهي ته  وزيراعظم کي چئو ته کيس جيڪا به بريفنگ ڏيڻي آهي ايوان ۾ اچي ڏئي.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين ميان رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو،جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اطلاعات واري وفاقي وزير پرويز رشيد درخواست ڪئي ته کيس پاڪ-چين راهداري منصوبي بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻو آهي، تنهنڪري سڀ کان پهريان سندس لاڳاپيل وزارت جا سوال جواب اڪلايا وڃن.

سينيٽ چيئرمين وفاقي وزير پرويز رشيد تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پارليامينٽ سپريم ايوان آهي، وزيراعظم کي چئو ته کيس جيڪا به بريفنگ ڏيڻي آهي ايوان ۾ اچي ڏئي.

گهرو وزارت ايوان کي لکت ۾ آگاهي ڏيندي چيو ته دهشتگردن جي مالي معاونن خلاف ڪارروايون جاري آهن، دهشتگردي ٽوڙ فورس پنجاب ۾ 41 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

گهر وزارت چيو ته سنڌ مان دهشتگردن جي مالي معاونت ڪندڙ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪي پي ڪي ۾ اٺن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري کين دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ايوان ۾ گڏيل اپوزيشن، ايف سي کي فنڊز جي نه ملڻ بابت رٿ پيش ڪئي، جيڪا سينيٽ چيئرمين اعتراض واري رد ڪري ڇڏيو.

سينيٽ ۾ نادرا آرڊيننس ۽ پرڏيهين جي حوالي سان فارنرز ايڪٽ ترميمي بلز جي منظوري ڏني وئي.

نون ليگ جي مشاهد الله خان ماڊل ايان علي جي فيشن جو ذڪر ڪيو ته  ميمبرز ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

مشاهد الله چيو ته ميڊيا ماڊل ايان علي جو ڏوهه ٻڌائڻ بدران عوام کي سندس وارن جو اسٽائل ٻڌائيندي آهي ۽ جتي حڪومت ۽ خوبصورتي هجي، اتي سڪيورٽي جا انتظام سخت هوندا آهن.

سينيٽ چيئرمين مشاهدالله خان سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اداڪارن تي گهڻو ڳالهايو ٿا، گذريل ڏينهن سشماسين تي ڳالهايو ته وري اڄ ماڊل ايان علي جو وارو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*