ملتان جي ممتاز ڊگري ڪاليج ۾ دهشتگرد جي موجودگي واري ڪوڙي اطلاع تي پوليس ڪاليج کي ڪڙو چاڙهي جهڙتي ورتي

Multan-College-15-1

ملتان جي ممتاز ڊگري ڪاليج ۾ دهشتگرد جي موجودگي واري ڪوڙي اطلاع تي پوليس ڪاليج کي ڪڙو چاڙهي جهڙتي ورتي، سي پي او جو چوڻ آهي ته ذهني مريض شاگردياڻي دهشتگرد جي موجودگي بابت غلط اطلاع ڏنو.

سي پي او موجب، ملتان جي گرلز ڊگري ڪاليج جي هڪ شاگردياڻي دهشتگرد جي موجودگي بابت پوليس کي اطلاع ڏنو ته اهلڪارن ڪاليج کي ڪڙو چاڙهي جهڙتي ورتي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڊگري ڪاليج ۾ ڪوبه دهشتگرد موجود نه هو، ان حوالي سان اطلاع نه ڏيندڙ شاگردياڻي جو ذهني توازن درست نه آهي.

سي پي او ملتان چيو ته معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته شاگردياڻين کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*