ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ غلط علاج سبب بستر ڀيڙو ٿيل نوجوان اشتياق شاهه جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

karachimap

ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ غلط علاج سبب بستر ڀيڙو ٿيل نوجوان اشتياق شاهه جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، نوجوان جي علاج لاءِ سندس والدين ڪراچي ۾ پنهنجو گهر   ۽ الهه تلهه وڪرو ڪري ڇڏيو هو.

ناليواري براڊ ڪاسٽر سيد ماڪن شاهه رضوي جي ڀاڻيجي اشتياق شاهه کي  ڪراچي ۾ اسٽيڊيم روڊ تي واقع نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي غلط علاج ٿيڻ سبب نوجوان بستر ڀيڙو  ٿيو، ان معاملي جو صحت واري وزير ۽ سيڪريٽري به نوٽيس ورتو هو.

نوجوان کي بعد ۾ جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن اڄ دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي، ذريعن موجب جناح اسپتال ۾ به نوجوان جي علاج ۾ غفلت ڪئي وئي، جنهن  جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

نوجوان جي علاج لاءِ سندس والدين ڪراچي ۾ پنهنجو گهر   ۽ الهه تلهه وڪرو ڪري ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*