ٺي ۽ ڏيپلي ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 66 ٿي ويو

Tharpaker-Die-13-1

ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي ۽ ڏيپلي ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 66 ٿي ويو آهي.

مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ هٽڙي واسي گيان ميگهوار جو هڪ ڏينهن جو ٻارڙو، ڏيپلي شهر ۾ پورهيت ابراهيم خاصخلي جي تازي ڄاول ٻارڙي ۽ ڏيپلي جي ڳوٺ ڍاڪو فقير  مان ڪراچي اسپتال منتقل ڪيل 6 ورهين جي ٻارڙي فوت ٿيڻ کانپوءِ  ٿر ۾ 15 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 66 ٿي ويو آهي.

مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڏيپلو، ڇاڇرو جي سوين ڳوٺن ۾ ڏڪار واري صورتحال هئڻ ڪري ماروئڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

غذايت جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب سوين ٻارڙا مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڏيپلو، ڇاڇرو ۽ ٻين اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*