سـُپريم ڪورٽ، سنڌ جي 7 تعليمي بورڊز جي چيئرمين ۽ ڪنٽرولرز جي مقرري بابت سنڌ سرڪار پاران داخل ڪرايل درخواستن تي هڪ مهيني اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

supreme-court-karachi-31-7 (1)supreme

سـُپريم ڪورٽ، سنڌ جي 7 تعليمي بورڊز جي چيئرمين ۽ ڪنٽرولرز جي مقرري بابت سنڌ سرڪار پاران داخل ڪرايل درخواستن تي هڪ مهيني اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ 3 رڪني بينچ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ٽيڪنيڪل بوردز جي چيئرمين کي هٽائڻ بابت سنڌ حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

سنڌ سرڪار درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت تعليمي بورڊ جا سربراهه مقرر ڪرڻ واري قانون ۾ ترميم ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ  بورڊز جي سربراهن ۽ ڪنٽرولرز جي مقرري جو اختيار وڏي وزير وٽ آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽس جي اسٽي عمل نه ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ اهڙو اسٽي ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري.

سپريم ڪورٽ، اهڙيون درخواستون اڪلائيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي حڪم ڏنو ته سمورين درخواستن تي هڪ مهيني اندر فيصلو ٻڌايو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*