اين اي 122 جي ووٽن جي ڳڻپ ۽ تصديق لاءِ عمران خان ۽ اياز صادق انڪوائري ڪميشن آڏو اڄ پيش ٿيندا

لاهور جي تڪ اين اي 122 جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ تصديق لاءِ عمران خان ۽ اياز صادق اڄ انڪوائري ڪميشن آڏو پيش ٿيندا، اياز صادق جي  وڪيل  ٽربيونل جي فيصلي خلاف  ۽ ٽربيونل جي جج خلاف توهين عدالت جي   ڪارروائي لاءِ  لاهور هاءِ ڪورٽ ۾درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

اليڪشن ٽربيو نل جي فيصلي تحت اين اي 122 جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ تصديق لاءِ عمران خان ۽ اياز صادق اڄ انڪوائري ڪميشن آڏو پيش ٿيندا.

اياز صادق جي  وڪيل  ٽربيونل جي فيصلي خلاف  ۽ ٽربيونل جي جج خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ  لاهور هاءِ ڪورٽ ۾درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

اياز صادق جي وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اين اي 122 تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ ووٽن جي تصديق بابت فيصلو غير قانوني آهي، ان ڪري اهڙي فيصلي کي  ڪالعد م قرار ڏنو وڃي.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پاران ڪارروائي کان روڪڻ باوجود اليڪشن ٽربيونل جي جج ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ تصديق جو حڪم ڏنو آهي، ان ڪري ٽربيونل جي جج خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*