قومي ڪرڪيٽ ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد نيوزيلينڊ کي 16رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي

pak-Nz-15-1

 محمد حفيظ جي شاندار ففٽي ۽ ڪپتان شاهدآفريدي جي آلرائونڊ ڪارڪردگي سبب قومي ڪرڪيٽ ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد نيوزيلينڊ کي 16رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ کيڏي ويل پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 8 وڪيٽس جي نقصان تي 171رنز اسڪور ڪيون.

پاڪستان پاران محمد حفيظ 61، عمراڪمل 24، ڪپتان شاهدآفريدي 8 بالن تي 2 ڇڪن ۽2چونڪن جي مدد سان 23،شعيب ملڪ 20 ۽ عماد وسيم 18 رنز جي اننگ کيڏي.

نيوزيلينڊ پاران ايڊم ملن 37رنز عيوض 4 ۽ سانٽنر 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 172رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرره  20 اوورس ۾ 155رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

نيوزيلينڊ پاران ڪپتان ڪين وليمسن 70رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ڪالن منرو 27 بالن تي 6 ڇڪن ۽ٻن چونڪن جي مدد سان 56رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان پاران محمد عامر پنج سالن بعد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪئي ۽ پهرين اوورس جو  پهريون بال وائيڊ ڪيو، پنج سال پهرين سندس مٿان نوبال ڪرڻ سبب پاپندي لڳي هئي.

پاڪستان پاران وهاب رياض 34رنز عيوض 3، شاهد آفريدي ۽عمر گل ٻه-ٻه جڏهن ته محمد عامر ۽ عماد وسيم هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

شاهد آفريدي کي شاندار آلرائوڊ ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*