سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن ترميم بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو

Sindh-Assembly-15-1

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن ترميم بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي، بل جي منظوري خلاف متحدهه ميمبرز اسپيڪر جي روسٽرم آڏو سخت احتجاج ڪيو، جڏهن فنڪشنل ليگ ۽ پي ٽي آءِ به بل جي مخالفت ڪئي آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران  تعليم ۽ پارلياماني معاملن واري وزير نثار کهڙي سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن ترميم بل پيش ڪيو، جنهن جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏني وئي.

متحدهه ميمبرز بل خلاف سخت احتجاج ڪندي اسپيڪر جي روسٽرم آڏو احتجاج ڪيو، جڏهن ته فنڪشنل ليگ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز به بل جي مخالفت ڪئي.

بل جي منظوري سان سنڌ حڪومت  دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ هلندڙ ڪيس ختم ڪرائي سگهندي ۽  ڌر طور ڪيسز ۾ الزام واپس وٺي سگهندي.

بل جي منظوري سان سنڌ حڪومت گرفتار جوابدارن کي آزاد به ڪري سگهندي، جڏهن ته پبلڪ پراسڪيوٽر ۽ پراسڪيوٽر جنرل ختم ڪيل ڪيسن بابت عدالتن ۾ رپورٽ پيش ڪندا.

بل جي منظوري  کان اڳ اجلاس دوران ڊپٽي اسپڪر پاران اپوزيشن ليڊر خواجه  اظهار کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي متحده ميمبرز سخت احتجاج ڪندي ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو.

اجلاس دوران مختلف ميمبرز پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي مسئلا پيش ڪيا ويا، خواجه اظهار چيو ته سنڌ جي تعليمي بورڊ ۾ ڪنٽرولر ناهن، شڪار پور جي هڪ اسڪول ۾ ٿاڻو قائم ڪيل آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود عشر ۽ زڪوات واري کاتي ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جا آفيسر مقرر ٿيل آهن.

زراعت واري وزير راجا علي نواز مهر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ سرڪار ڪمند جو اگهه  172في مڻ رپيا مقرر ڪيو آهي ۽ ڪمند جي اگهه واري معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس به هلندڙ آهي، عدالت جيڪو حڪم ڏيندي ان تي عمل ڪرايو ويندو.

سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته ڊپٽي اسپيڪر  اجلاس جي ڪارروائي ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*