پشاور جي علائقي نوٿيا ۽ ڪينٽ ۾ قائم سمورن اسڪولن کي سڪيورٽي خدشن سبب بند ڪيو ويو

Peshawar-School-Closed-16-1

 پشاور جي علائقي نوٿيا ۽ ڪينٽ ۾ قائم سمورن اسڪولن کي سڪيورٽي خدشن سبب بند ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌمڪين واري خط ملڻ بعد اسڪولن کي بند رکيو ويو آهي.

پشاور جي علائقي نوٿيا ۽ ڪينٽ ۾ سڪيورٽي خدشن سبب سمورا نجي توڙي سرڪاري اسڪول بند ڪيا ويا آهن، جنهن جو صوبائي تعليم کاتي نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته اسڪولن تي حملن لاءِ ڌمڪين وارا خط مليا هئا، جنهن بعد سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي اسڪول بند رکيا ويا آهن.

ڪي پي ڪي جي تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته اسڪولن جي سڪيورٽي وڌائي وئي آهي، سومر کان نجي توڙي سرڪاري اسڪول کليل رهندا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*