اولهه افريڪي ملڪ برڪينا فاسو جي گادي واري شهر اوگاڊوگو جي هوٽل تي دهشتگردن حملي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا

Burkina-Faso-16-1

اولهه افريڪي ملڪ برڪينا فاسو جي گادي واري شهر اوگاڊوگو جي هوٽل تي دهشتگردن حملي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته هٿياربندن پاران يرغمال بڻايل هڪ وزير سميت 63 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

 پرڏيهي خابرو اداري موجب اوگاڊوگو ۾ قوت هوٽل تي حملي وقت وڏي انگ ۾ پرڏيهي موجود هئا، حملي بعد سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جاري آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ويڙهاڪ تنظيم القاعده ۽ اسلامڪ مغرب نالي تنظيم حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي، جڏهن ته اسپتال انتظاميه حملي ۾ 20 ڄڻن جي مارجڻ ۽ 15 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته برڪينا فاسو جي وقت موجب شام ساڍي ستين وڳي هوٽل ٻاهران 2 ڪار بم ڌماڪا ٿيا ۽ هوٽل ۾ 3 کان 4 نقاب پهريل ماڻهن حملو ڪيو، ان وقت گڏيل قومن جو اسٽاف ۽ پرڏيهي ماڻهو ترسيل هئا.

اکين ڏٺن شاهدن موجب، حملي آورن هوٽل جي ڪيفي ۾ داخل ٿي هڪ ملازم کي قتل ڪيو، جنهن بعد اهي هوٽل ۾ داخل ٿي ويا ۽ هڪ وزير سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻايو.

حملي بعد سڪيورٽي فورسز پهچي علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو، جنهن بعد يرغمال بڻايل وزير سميت 63 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*