ايف آءِ اي جون سڄي ملڪ ۾ انساني اسمگلرن خلاف ڪارروايون جاري

FIA-11-11

ايف آءِ اي جون سڄي ملڪ ۾ انساني اسمگلرن خلاف ڪارروايون جاري آهن، پنجاب جي مختلف علائقن ۾ڪارروائي ڪري 4 انساني اسملگرن کي گرفتار ڪري غير قانوني دستاويز، ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي اسلام آباد پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب،پنجاب جي علائقن ٽوبه ٽيڪ سنگهه، گجرات ۽ خوشاب ۾ ڪارروايون ڪيون ويون،جنهن دوران 4 انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ مظهر مشتاق، محمد عامر، علمدار حسين ۽ ارشد راشد شامل آهن.

گرفتار جوابدارن ماڻهن کي نوڪرين جي لالچ ڏئي مختلف ملڪن ڏانهن اماڻيندا هئا،  سندن قبضي مان غير قانوني دستاويز،  ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*