ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ علاج جون مناسب سهولتون نه هئڻ ڪري ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو

child

 ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ علاج جون مناسب سهولتون نه هئڻ ڪري ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو، مٺي جي اسپتال ۾ اڄ هڪ وڌيڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي.

سول اسپتال مٺي ۾ گذريل ڏينهن پيدا ٿيل حمزه کيبر جو پٽ فوت ٿي ويو، جنهن بعد 15 ڏينهن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 67 ٿي ويو آهي.

ڊاڪٽرز ٻارن جي فوتگين جو سبب غذائيت جي کوٽ کي قرار ڏين ٿا پر سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته فئملي پلاننگ نه ٿيڻ ڪري ٻارڙا فوت ٿين ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*