پيپلزپارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پارلياماني وفد موڪلڻ جي تجويز ڏيندي چيو

Rehman-Malik-letter-16-1

 پيپلزپارٽي جي سينيٽر رحمان ملڪ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پارلياماني وفد موڪلڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته وفد سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ايران جي صدر سان ملاقات ڪري پرڏيهي وزيرن جو اجلاس گهرائڻ جو چوندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ، وزيراعظم نواز شريف ڏانهن خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن کي مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

رحمان ملڪ چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جا ٻين مسلمان ملڪن تي به اثر پئجي سگهن ٿا، تنهن ڪري سندس تجويز آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرز تي ٻڌل وفد سعودي عرب ۽ ايران موڪليو وڃي.

هـُن چيو ته پارلياماني وفد سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ايران جي صدر سان ملاقاتون ڪندو ۽ کين تجويز ڏيندو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پرڏيهي وزيرن جو اجلاس سڏايو وڃي.

رحمان ملڪ وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستاني وفد جي دوري سان سعودي ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ملندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*