شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ امريڪي صحافي مارڪ سيگل کان وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪيل بيان تي جرح لاءِ 20 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي وئي

MarkSiegel Benazirشهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ امريڪي صحافي مارڪ سيگل کان وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪيل بيان تي جرح لاءِ 20 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پرويز مشرف جي وڪيلن کي نوٽيس جاري ڪري  ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهي 20 جنوري تي مارڪ سيگل کان جرح لاءِ حاضري يقيني بڻائڻ.

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راءِ ايوب اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀـُٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران پرڏيهي وزارت عدالت کي آگاهي ڏني ته  امريڪي صحافي مارڪ سيگل کان وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪيل بيان تي جرح لاءِ 20 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان راولپنڊي جي ڪمشنر آفيس ۾ به انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

عدالت، پرڏيهي وزارت جي رپورٽ بعد پرويز مشرف جي وڪيلن بئريسٽر فروغ نسيم، الياص صديقي ۽ فيصل چوڌري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت، پرويز مشرف جي وڪيلن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي 20 جنوري تي امريڪي صحافي مارڪ سيگل کان جرح لاءِ حاضري يقيني بڻائين………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*