سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن ترميمي بل پراسيڪيوشن جي مضبوطي لاءِ آهي،وڏي وزير سيد قائم علي شاهه

Qaim-Ali-Shah-16-1

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن ترميمي بل پراسيڪيوشن جي مضبوطي لاءِ  آهي، پراسيڪيوٽر رڳو تجويز ڏيندا ،باقي ڪيس ختم ڪرڻ بابت  حتمي فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي.

شهيد بينظير ڀٽو پوليس ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ 28 هين ايگليٽ پريڊ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو داعش ۽ تحريڪ طالبان ۾ ڪوبه فرق نه آهي، اهي دهشتگرد آهن،جن خلاف هو وڙهي رهيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن ترميمي بل پراسيڪيوشن جي مضبوطي لاءِ  آهي، پراسيڪيوٽر رڳو تجويز ڏيندا باقي ڪيس ختم ڪرڻ بابت  حتمي فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي.

هن چيو ته دهشتگردن جو خاتمو آڻينداسين ۽ ڪراچي ۾ پوليس جي ڪوششن سان ڏوهن ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته عوام جو تحفظ ۽ آئين تي عملدرآمد ڪرائڻ سڀني جي ذميواري آهي.

وڏي وزير چيو ته امن امان جي بحالي  لاءِ پوليس جون وڏيون قربانيون آهن، پوليس کي جديد هٿيار فراهم ڪرڻ سان گڏ انهن جي پگهارن ۾ 100سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس صفوران سانحي سميت اهم ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي آپريشن جاري رهندو، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري ۽ ٻين ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ٻهراڙي وارن علائقن مان ڀنگ لاءِ اغوا وارا واقعا مڪمل طور ختم ٿي ويا آهن.

ان موقعي تي وڏي وزير پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*