خيرپور ناٿن شاهه ويجهو تعليمي کاتي جي بي ڌياني سبب بااثرن گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت تي قبضو ڪري اوطاق بڻائي ڇڏيو

Khairpur-School-16-1

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو تعليمي کاتي جي بي ڌياني سبب بااثرن گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت تي قبضو ڪري اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب نياڻين جي تعليم داءَ تي لڳل آهي.

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ڳوٺ حاصل لاکير ۾ قائم گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول تي گذريل ڇهن سالن کان بااثر شخص پاران مبينا طور قبضو ڪيو ويو آهي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته علائقي جي بااثر وزير لاکير اسڪول تي قبضو ڪري عمارت کي اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب نياڻين جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي.

ڳوٺاڻن موجب، اي ڊي او فيميل ڪيتري ئي عرصي کان آفيس مان غائب آهي، جڏهن ته بااثر اسڪول جي آڏو لڳل سائين بورڊ به هٽائي ڇڏيو آهي.

هنن سيڪريٽري تعليم کي اپيل ڪئي ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرايو وڃي، جيئن نياڻيون تعليم حاصل ڪري سگھن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*