مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ 2 ، ننگر پارڪر جي اسپتال ۾ هڪ ۽ ڇاڇري جي ڳوٺ آدم رند ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ 18 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 77 ٿي ويو

Children-Death-14-1

ڏڪاريل ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ 2 ، ننگر پارڪر جي اسپتال ۾ هڪ ۽ ڇاڇري جي ڳوٺ آدم رند ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ 18 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 77 ٿي ويو آهي.

 مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ هڪ نئون ڄاول ٻارڙو ۽ هڪ 5 مهينن جو ٻارڙو علاج دوران فوت ٿي ويا ۽ ننگر پارڪر جي اسپتال ۾ به وڌيڪ هڪ ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو.

ڇاڇري جي ڳوٺ آدم رند ۾ 4 ڏينهن دوران 12 مهينن جي نياز خاتون رند، 7 ڏينهن جي پروين سميت هڪ چئن ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو.

 ڏڪاريل ٿر پارڪر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين سبب گذريل 18 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 77 ٿي ويو آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*