ڪراچي جي علائقي گذري ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان شهريار جناح اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

Karachi-Police-Jali-Muqabla-18-1

ڪراچي جي علائقي گذري ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان شهريار جناح اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، واقعي جو ڪيس ٻن اهلڪارن خلاف داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

گذري جي علائقي ۾ خيابان تنظيم تي پوليس اهلڪارن سي ويو ويندڙ موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هڪ نوجوان جي نه بيهڻ تي مٿس فائر ڪيو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو.

زخمي نوجوان شهريار کي جناح اسپتال جي نيورو سرجري وارڊ نيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

ٻئي پاسي ٻن اهلڪارن خلاف قتل جي ڪوشش جو داخل ڪيو ويو هو، جيڪو نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد ايف آءِ آر کي قتل ڪيس ۾ تبديل ڪيو ويو.

گرفتار اهلڪار حمزه جو چوڻ آهي ته اشاري تي نه بيهندڙ موٽرسائيڪل مٿان هن گولي هلائي، جيڪا سندس غلطي هئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*