ڪوئيٽا جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت، نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، آفتاب شيرپائو ۽ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير شعيب نوشيرواني کي بري ڪري ڇڏيو

Akber-case-18-1

ڪوئيٽا جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت، نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، آفتاب شيرپائو ۽ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير شعيب نوشيرواني کي بري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت اڪبر بگٽي جي قبر ڪشائي بابت سندس پٽ جميل بگٽي جي درخواست به رد ڪري ڇڏي آهي.

ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جان محمد گوهر بلوچ قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل ٻڌايو.

عدالت، فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف، ان وقت جي وفاقي گهرو وزير آفتاب شيرپائو ۽ بلوچستان جي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير شعيب نوشيرواني کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.

عدالت، نواب اڪبر بگٽي جي قبر ڪشائي، ان جي ڊي اي اين اي ٽيسٽ گڏيل قومن جي ماتحت ادارن کان ڪرائڻ ۽ اينڪرپرسن سميت 26 ڄڻن کي شاهد طور پيش ڪرڻ بابت جميل اڪبر بگٽي جي درخواست به رد ڪئي.

نواب اڪبر بگٽي جي پٽ جميل اڪبر بگٽي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

عدالتي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جميل اڪبر بگٽي جو چوڻ هو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي مان مطئمن نه آهيون، اي ٽي سي جي فيصلي کي چيلينج ڪيو ويندو.

جميل اڪبر بگٽي وڌيڪ چيو ته عدالت قبر ڪشائي سميت سندن ٽي درخواستون رد ڪيون آهن، مشاورت کانپوءِ فيصلو هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو.

واضح رهي ته نواب اڪبر بگٽي 29 آگسٽ 2006 تي مارجي ويو هو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*