صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته نوازليگ جي افعالن مان لڳي ٿو ته سندن سرڪار وقت کان اڳ وڃڻ چاهي ٿي

Mula-Bux-Chandio-18-1

صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته نوازليگ جي افعالن مان لڳي ٿو ته سندن سرڪار وقت کان اڳ وڃڻ چاهي ٿي، نواز ليگ سرڪار پاڪستان نه پر مخصوص خواب پورا ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ ايندي آهي، جيڪا خطرناڪ ڳالهه آهي.

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي مان ٻورين ۾ بند لاش ملندا هئا پر هاڻي گٽرن مان پٿر ملن  ٿا.

مولا بخش چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ اپوزيشن رڳو ڊاڪٽر عاصم ۽  ايان علي جي پٺيان پيل آهي.

هن چيو ته سندن خواهش آهي ته ن ليگ سرڪار پنهنجا 5 سال پورا ڪري پر افعالن مان لڳي ٿو ته هو وقت کان اڳ هليا ويندا.

مولا بخش چانڊيو چيو ته چوڌري نثار وزير اعظم جي به ڳالهه نه مڃيندو آهي، هو وزارت به ڇڏڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي، اها نوازشريف جي ساڻس محبت آهي يا خوف، ڪجهه چئي نٿو سگهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ هو ته ننڊن صوبن ۽ قومن کي آدمشماري تي جيڪي خدشا آهن، اهي جلد ختم ڪيا وڃن.

صوبائي صلاحڪار چيو ته ٿر جي ڪوئلي تي درست نموني ڪم ٿئي ها ته بجلي جي بحران تي ضابطو اچي وڃي ها، بدقسمتي سان ننڍن صوبن جي منصوبن کي غير ملڪين جو منصوبو سجهيو ويندو آهي.

مولا بخش چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو  ته ٿر جي صورتحال آئيڊيل ناهي پر اتي ڏڪار واري صورتحال به ناهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*