دادو ۾ ميونسپل انتظاميه جي نااهلي سبب نالين جو گندو پاڻي روڊن تي نڪري آيو، وپارين چتاءُ ڏيندي چيو

Dadu-18-1

دادو ۾ ميونسپل انتظاميه جي نااهلي سبب نالين جو گندو پاڻي روڊن تي نڪري آيو، وپارين چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته صفائي جو نظام درست نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ميونسپل انتظامي جي نااهلي سبب گٽرن جو گندو پاڻي شهر جي روڊن تي رستن تي نڪري آيو، جنهن سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

واپارين جو چوڻ آهي ته ميونسپل جي بااهلي سبب شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي، بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود اعليٰ اختياريون ڪوبه تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ميونسپل جي ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ صفائي جو نظام بهتر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*