دادو جي سينئر استاد محمد رجب سولنگي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ خلاف گسٽا جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Dadu-Teacher-18-1

دادو جي سينئر استاد محمد رجب سولنگي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ خلاف گسٽا جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

گسٽا جي سڏ تي شهرين ۽ اسڪولي شاگردن محمد پيرزادو، امين جمالي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين چيو ته سائين جي ايم سيد جي سالگره جو بينر لکڻ تي  استاد محمد رجب سولنگي تي دهشتگرديءَ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سيئنر استاد محمد  رجب سولنگي کي فوري طور آزاد ڪري مٿس مڙهيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ پوري ضلعي اندر تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*