فيصل آباد وانگي لاهور به پي ٽي آءِ ڪارڪن زبردستي بند ڪرائي رهيا آهن پرويز رشيد

پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري چيو آهي ته ميٽرو بس تي پي ٽي آءِ جو حملو مذمت جوڳو عمل آهي، جڏهن ته پرويز رشيد چيو آهي ته فيصل آباد وانگي لاهور ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪن زبردستي شهر بند ڪرائي رهيا آهن.

پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري چيو آهي ته روڊ بند ڪري عوام جي پريشانين کي وڌايو پيو وڃي.

هن چيو ته سڄو شهر معمول موجب کليل آهي ۽ شاگرد معمول موجب امتحان ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته ميٽرو بس تي پٿراءُ مذمت جوڳو عمل آهي.

سُڌ سماءُ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن ميٽرو بس تي پٿراءُ ڪري قانون کي هٿ ۾ کنيو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ فيصل آباد وانگي لاهور کي بند ڪرائڻ لاءِ هنگامن تي لهي آئي آهي پر ماڻهن پر تشدد سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*